دائم الدين انڍڙ مفتي

دائم الدين انڍڙ، مفتي: مشهور عالم دين ۽ جماعت اسلاميءَ جو مرڪزي اڳواڻ مفتي دائم الدين انڍڙ 21 آگسٽ 1938ع تي ڳوٺ ستابي انڍڙ، تعلقي پني عاقل ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾، سنڌي فائنل قبي جامي لڳ رستم ضلعي شڪارپور مان پاس ڪيائين. ديني ۽ عربي تعليم دارالهدى ٺيڙهيءَ ۾ پڙهيو، جتان فارغ التحصيل ٿيڻ بعد ٺيڙهيءَ ۾ ئي مفتي رشيد احمد لڌيانويءَ سان گڏ نائب مفتي ٿي رهيو، بعد ۾ اتي ئي مفتيءَ جي منصب تي وڃي رسيو. 1961ع ۾ ’مدرسي اشاعة العلوم ڪنڊياري‘ ۽ 1963ع ۾ منصوره ۾ مدرس ٿيو. منصوره ۾ قيام دوران جماعت اسلاميءَ ۾ شامل ٿيو، 1970ع ۾ ضلعي سکر جو امير، 1980ع ۾ سنڌ صوبي جو نائب امير ۽ جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيو. اهڙيءَ طرح کيس جماعت اسلاميءَ جي مرڪزي مجلس شورى جو تاحيات ميمبر مقرر ڪيو ويو. مفتي دائم الدين انڍڙ ڪجھه وقت جميعت علماءِ سنڌ ۾ به رهيو، رابطه المدارس، العربيه جو 15 سالن تائين صدر به ٿي رهيو. هن 1985ع ۾ پني عاقل ريلوي اسٽيشن لڳ ڊاڪ بنگلي ويجھو درسگاهه دارالعلوم قائم ڪئي، جنهن ۾ ديني ۽ دنياوي تعليم ڏني وڃي ٿي. مفتي دائم الدين انڍڙ کي جماعت اسلاميءَ پاران پني عاقل ۽ لکيءَ جي صوبائي اسيمبليءَ جي نشتن لاءِ اميدوار طور پڻ بيهاريو ويو هو. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب تحرير ڪيا. مفتي دائم الدين انڍڙ پهرين جنوري 2004ع تي وفات ڪئي، سندس مزار بگي شير ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.08.21  عيسوي

مشهور عالم دين ۽ جماعت اسلاميءَ جو مرڪزي اڳواڻ مفتي دائم الدين انڍڙ 21 آگسٽ 1938ع تي ڳوٺ ستابي انڍڙ، تعلقي پني عاقل ۾ ڄائو.


2004.01.01  عيسوي

مفتي دائم الدين انڍڙ پهرين جنوري 2004ع تي وفات ڪئي، سندس مزار بگي شير ۾ آهي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پاٽائي مخدوم فضل الله جي پاٽ واري درسگاهه
شيخ نوح هوٿياڻي
شهمير شاهه مٽياروي سيد
عباسي مخدوم عطا محمد
مخدوم محمد صادق ٺٽوي
ششرذ هندي
شيخ محمد عابد انصاري سيوهاڻي
خادم هرومل سدارنگاڻي
آخوند مولانا ڇٽو ڀٽي سيتائي
ابوالحسن ڏاهري
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون